عبدالرحمان پيرزادو ميان

عبدالرحمان پيرزادو، ميان: سياسي ۽ سماجي ڪارڪن ميان عبدالرحمان پيرزادو 1860ع ڌاري سکر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سکر جي خانقاهه واري مدرسي مان حاصل ڪري، پراڻي سکر جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ مولوي عبدالرحمان جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. پاڻ سماجي ورڪر ۽ اَنجمن اسلام جو ميمبر هو. سکر ۾ ضلعي مدرسه بورڊ جو پايو وجهندڙن ۾ سندن ڪوششون شامل هيون بعد ۾ بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندن ڪوششن سان سکر ۾ عيدگاهه تعمير ٿيو. سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ 2 ڀيرا وائيس پريزيڊنٽ رهيو. سکر جي هندو توڙي مسلمانن وٽ سندن اهميت هوندي هئي. سکر ۾ 1892ع ۽ 1930ع ۾ ٿيل هندو مسلم فساد کي ختم ڪرڻ ۽ امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. 1939ع ۾ سندن تقريرون مسجد - منزل گاهه واقعي کي حل ڪرڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيون. هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو